ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻن جا به هڪ ٻئي سان رابطا شروع

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ عام چونڊن جو  اعلان ٿيڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ (ن) ليگ ۾ چونڊ اتحاد ٿي چڪو آهي، نامياري تجزئي نگار انيس منصوري جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم لنڊن جي پاڪستان ۾موجود حامين جا به برطانيا، پرتگال، ملائشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ موجود حامين سان رابطا شروع ٿي ويا آهن،  اهڙن رابطن جي تصديق بابر غوري به هڪ انٽرويو  ۾ ڪئي آهي. اهو به چيو آهي ته اسان جي رابطن بابت اسان جا مخالف اسٽيبلشمينٽ کي اطلاع ڏئي ڇڏين ٿا جنهن ڪري مسئلا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته  الطاف حسين تان پابندي ختم ٿيڻ گهرجي يا نه ٿيڻ گهرجي ان بابت به سروي ڪري رهيا آهن، پر سروي ۾ به من پسند نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ چالاڪيون ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.