نواب شاھ (ڊ ر) نواب شاھ جي علائقي نٽ پاڙي ۾ زھريلي شراب واپرائڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽي نوجوان زندگي جي جنگ هارائي ويا، زھريلي شراب واپرائڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن ڪاشف علي، عادل علي ۽ سندن دوست اسد علي خاصخيلي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو جتي ٻه ڀائر فوت ٿي ويا جڏھن ته دوست اسد علي حيدرآباد نيئندي فوت ٿي ويو، ٽنھي فوتين جا لاش وارثن پاران بغير پوسٽ مارٽم جي دفنايو پئي ويو ته پوليس ڊي ايس پي آصف آرائين جي اڳواڻي ۾ موقعي تي پھچي لاش قبرستان مان واپس ڪرائي پوسٽ مارٽم لاءِ پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيا، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، شهر ۾ ھلندڙ موتمار نشي آور شين خلاف ٽنھي فوتين جي وارثن طرفان احتجاج ڪيو ويو، ڪائونسلر روزينا، ڪائونسلر لال محمد ۽ اسلم چوھاڻ ۽ ٻين چيو ته پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات ۽ اسپرٽ ھلي ٿي پوليس منٿلي وٺڻ ۾ پوري آھي، ڪجھه مهينن اندر 15 کان وڌيڪ ماڻھو اسپرٽ ۽ نشي جون گوريون منشيات سبب فوت ٿي چڪا آھن، پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، ڊي ايس پي آصف آرائين ٻڌايو ته فوت ٿي ويلن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ بعد خبر پوندي، مڪمل جاچ ڪرڻ بعد ملوث ماڻھن خلاف ضرور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.