اسلام آباد(م ڊ) رينجرز ۽ ايف سي کي به سمگلنگ روڪڻ جا اختيار ملي ويا آهن. ايف بي آر سمگلنگ روڪڻ جا اختيار رينجرز ۽ ايف سي کي ڏئي ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي . ان وقت پاڪستان ۾ سمگلنگ خلاف ڪارروائي جو اختيار رڳو پاڪستان ڪسٽمز وٽ هو. چيڪ پوسٽن تي ضروري شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ايف سي ۽ رينجرز کي اختيار ڏنا ويندا. رينجرز ۽ ايف سي اٽو، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ روڪينديون.
غزا ۾ صحت جو نظام تباهه، ڊبليو ايڇ او پاران بيمارين جي پکيڙ جو خدشو ظاهر
غزا ( م ڊ ) ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) غزا ۾ بيمارين جي پکيڙ بابت خدشو ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب غزا پٽي تي اسرائيلي جارحيت سبب فلسطينين ۾ بيماريون پکڙجڻ جو شديد خطرو آهي. ڊبليو ايڇ او موجب اسرائيلي بمباري صحت جو نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نه ئي پناهه لاءِ ڇت آهي ۽ نه ئي فلسطينين و ٽ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي آهي، جنهن سبب مختلف بيمارين پکڙجڻ جو خطرو آهي، جن ۾ معدي جي تڪليف سميت مختلف بيماريون به شامل آهن. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر جي وچ کان وٺي، ڊائريا جا 33,551 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ اڪثريت 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ آهي. ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت سبب خوراڪ، پاڻي ۽ دوائن جي فراهمي گهٽ ٿي آهي. ٻئي پاسي گڏيل قومن چيو آهي ته غزا ۾ بنيادي سهولتون جهڙوڪ صحت، صفائي، صاف پاڻي ۽ کاڌو ناهي ۽ سڄو نظام تباهي جي ويجهو آهي.
جنگ کان پوءِ به اسرائيلي فوجون غزا ۾ رهنديون: آمريڪا
واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪا جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ حماس جنگ جي خاتمي کانپوءِ به اسرائيلي فوجون غزا ۾ موجود رهنديون ۽ سيڪيورٽي معاملن جي نگراني ڪنديون. عالمي خابرو اداري موجب وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي غزا ۾ 3 ڏينهن لاءِ جنگ بندي تي زور ڏنو ۽ يقين ڏياريو ته ان دوران حماس به اسرائيل يرغمالين کي آزاد ڪندو. آمريڪي صدر جو بائيڊن اسرائيلي وزيراعظم کي ٻڌايو ته سمورن يرغمالين جي سڃاڻپ جي تصديق لاءِ جنگ ۾ 3 ڏينهن جو وقفو ضروري آهي، جنهن کانپوءِ يرغمالين جي نالن جي فهرست فراهم ڪئي ويندي. آمريڪي صدر اها ڳالهه انهن ڳالهين کانپوءِ ڪئي جنهن ۾ آمريڪا ۽ قطر، اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 10 کان 15 يرغمالين جي مشروط آزادي تي اتفاق ٿيو آهي. ان کان اڳ وائيٽ هائوس جي عملدارن جو چوڻ هو ته غزا ۾ ويڙهه ختم ٿيڻ کانپوءِ به اسرائيلي فوجون سيڪيورٽي معاملن کي سنڀالڻ لاءِ غزه ۾ موجود رهنديون. آمريڪا وٽ هن وقت غزا جي مستقبل جو ڪو حتمي حل ناهي.
اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل ضابطه اخلاق جو مسودو تيار: ذريعا
اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ تجويز ڪيل ضابطه اخلاق جو ابتدائي مسودو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب صدر، وزيراعظم، وزير، سرڪاري عملدار چونڊ مهم ۾ حصو نه وٺي سگهندا. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل ضابطا اخلاق موجب سينيٽر ۽ مڪاني ادارن جا نمائندا چونڊ مهم هلائي سگهندا، ترقياتي اسڪيمن جا اعلان، عدليه، نظريه پاڪستان خلاف ڳالهه ٻولهه ۽ مهم تي به پابندي هوندي. ذريعن موجب تجويز ڪيل ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون ۽ اميدوار رشوت، تحفا يا ڪنهن به قسم جي لالچ نه ڏيندا، سياسي پارٽيون جنرل سيٽن تي 5 سيڪڙو عورت اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏينديون، جلسن، جلوسن ۽ عوامي ميڙ ۾ هٿيار جي نمائش تي پابندي هوندي، عوامي خزاني مان سياسي ۽ چونڊ مهم هلائڻ تي به پابندي هوندي. تجويز ڪيل ضابطا اخلاق موجب سياسي پارٽين کي جلسن جي اجازت انتظاميا سان مشروط هوندي، چونڊ مهم ۾ سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي ۽ ڪار ريلي جي اجازت نه هوندي. ان کان علاوه فرقيواراڻي، لساني ڳالهه ٻولهه ۽ ڪنهن شهري جي گهر اڳيان احتجاج يا ڌرڻو نه ڏنو ويندو، اليڪشن ايجنٽ جو تعلق لاڳاپيل حلقن سان هوندو، جڏهن ته سرڪاري ملڪيتن تي سياسي پارٽي جا جهنڊا هڻڻ تي پابندي هوندي.
ن ليگ جي ٽڪيٽن جا فيصلا گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿي رهيا آهن: فيصل ڪريم ڪنڊي
اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي خاتمي کانپوءِ گورنر هائوس کي استعمال ڪيو پيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گورنر هائوس پنجاب ۾ ن ليگ جو اجلاس اليڪشن ڪميشن لاءِ سواليا آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽن جا فيصلا گورنر هائوس پنجاب ۾ ٿي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن پنهنجا اختيار استعمال ڪري. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته عوام جي عدالت جو فيصلو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري آهي، جنهن جو اعلان 8 فيبروري تي ٿيندو.