راڻيپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) گو افغاني گو تحريڪ راڻيپور جي سرگرم اڳواڻ ساجد مڱريو جي گهر تي افغاني پٺاڻن حملو ڪري ڏنو، ساجد مڱريو جي گهر ڀاتين کي حراسان ڪيو ويو، ساجد مڱريو پاران راڻيپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي، ڪارڪنن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو، ساجد مڱريو نماڻو سرڪي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته گو افغاني گو تحريڪ کانپوءِ راڻيپور جا افغاني اسان مٿان حملا ڪري رهيا آھن، بابر افغاني ۽ ان جي ساٿين مٿان اين سي داخل ڪرائي آھي راڻيپور پوليس پڪ ڏياري آهي ته جلد بابر افغاني کي گرفتار ڪيو ويندو، افغاني هاڻ ڪريل حرڪت تي لهي آيا آھن اسان سمجهون ٿا ته هو اسان کان ڪيترو خوفزده آهن، ڌارين کي واضح پيغام ڏيون ٿا ته سنڌ ڪو عالمي يتيم خانو ناهي سنڌ جي وارثي ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڌاريا سنڌ ڇڏي وڃو سنڌ اسانجي ماءُ آهي.