ميرپورٻرڙو (رپورٽ: اطهر مهر) ميرپور ٻرڙو ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو، شمن سومرو، ڪامريڊ لياقت سرڪي، وسيم سرڪي ۽ عبدالستار ميمڻ جي اڳواڻي ۾گو افغاني گو ريلي ڪڍي وئي، سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ريلي کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ امن جي ڌرتي آھي افغاني ماڻھو منشيات، دھشتگردي ۽ ٻين سماجي براين ۾ ملوث آھن جنھن سبب سنڌ سميت ملڪي حالتون خراب ٿين پيون، افغانين کي جلد ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي، نگران سرڪار غير قانوني ترسيل مھاجرن کي ٻاھر ڪڍڻ جو بھتر فيصلو ڪيو، پر انتظاميا جي نااهلي سبب غيرقانوني افغاني ملڪ کان ٻاھر ناهن ڪڍيا ويا، غير قانوني ترسيل افغانين کي نيڪالي لاءِ اسان جي جدوجھد آخر دم تائي جاري رھندو.