ڦلهڏيون ۾ وياجين کان تنگ اچي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

ميرپورخاص/ سنڌڙي (نمائندن وٽان) ڦلھڏيون جي ميگهواڙ پاڙي جي 40 ورهين جي ٽن ٻارن جي پيءُ پهلاج ميگھواڙ قرض جي پئسن جو وياج  ادا نه ڪرڻ تي وياج خورن پاران تنگ ڪرڻ گهر جي باٿ روم جي ڇت ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪري ڇڏيو ڦلھڏيون پوليس لاش کڻائي اسپتال پهچايو، قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب وارثن جي بيانن موجب پهلاج قرضين کان تمام گهڻون پريشان رهندو هو، کنيل قرض ۽ وياج ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي هن اهڙو قدم کنيو، بيانن کي نظر ۾ رکندي پوليس پنهنجي جاچ ڪري رهي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.