جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، بقاپور  ٿاڻي جي جي حد ۾ ڳوٺ آچر خان  جکراڻي ۾ مڙس پنهنجي گهر واري  شريفان ۽ مائٽ دلشاد جکراڻي کيڪارنهن جي الزام ۾ پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار احسن جکراڻي واقعي کانپوءِ  فرار ٿي ويو، پوليس پهچي ٻنهي جا لاش قبضي ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتي ضروري ڪارروائيءَ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، پوليس جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنياپر جوابدار هٿ نه اچي سگهيو، پوليس موجب جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ نوجوان کي قتل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.