ڪراچي ( رپورٽر ) ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد کانپوءِ سنڌ ۾ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهي. مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف جي خصوصي ٽيم اڄ ڪراچي پهچندي، وفد ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ ٻيا شامل هوندا جڏهن ته ن ليگ وفد پير پڳاري ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان ملاقاتون ڪوندو. ن ليگ جي وفد ۾ بشير ميمڻ، اڳوڻو گورنر محمد زبير به شامل هوندا. ن ليگ جو وفد ايندڙ عام چونڊن ۾ جي ڊي اي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد بابت مشاورت ڪندو. ن ليگ جو وفد ڇنڇر ڏينهن پريس ڪلب جو دورو پڻ ڪندو.