ٽنڊو حيدر ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

ٽنڊو حيدر/ ٽنڊو ڄام (رپورٽ: عرس خاصخيلي/ احمد سجاد) ٽنڊو حيدر ڀرسان ٻوچ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تي هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، ڳوٺ بچل ٻوچ ۾ ٻوچ برادري جي  ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ دوران گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڌر جو 28 ورهين نوجوان محمد راشد ٻوچ ۽ ٻي ڌر جو 40 ورهين جو گل محمد عرف گلو ٻوچ ٿڏي تي مارجي ويا، لاش سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، سول اسپتال مان ٻنهي ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻن ڄڻن جي قتل تي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، مقتول نوجوانن کي پنهنجن علائقن ۾ پوليس جي نگراني ۾ دفنايو ويو، علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم به قائم ڪئي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي زمين جي مالڪي واري تڪرار تان پيش آيو آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي، ٻئي ڌريون هڪٻئي جا ويجها مائٽ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.