ڪراچي (رپورٽر ) بلوچستان جي نگران سڌ سماءُ واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ ۾ميان والي توڙي راولپنڊي دهشتگردي ۾ سئو سيڪڙو افغاني ملوث آهن دهشتگردي ۾ افغاني ملوث آهن. افغان عبوري حڪومت اچڻ سان وڏي دهشتگردي ٿي رهي آهي.ملڪ ۾ 20 هزار غير قانوني افغانين جا شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪيا آهن ۽ افغانستان کي گهرجي ته هو پنهنجي شهرين کي پنهنجي ملڪ ۾ رهائش جو بندوبست ڪري. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. هن چيو ته بلوچستان مان غير قانوني ترسيل افغانين کي ڪڍيو آهي، رياست فيصلو ڪري چڪي آهي ته ملڪ ۾ ترسيل غير قانوني افغانين کي حفاظت طور پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي هن چيو ته ملڪ ۾ لکين غير قانوني افغانين جا شناختي ڪارڊ ٺهيل آهي جنهن جي جاچ هلندڙ آهي.