ڪراچي ( م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) سنڌ جي صدر شاهي سيد چيو آهي ته اي اين پي ضلعي، تعلقي ۽ يونين ڪائونسل سطح تي ڪميٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار شاهي سيد ڪراچي ۾ پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته اهي ڪميٽيون پوليس جي زيادتين تي رڪارڊ تيار ڪنديون. شاهي سيد چيو ته آءِ جي سنڌ پوليس غير قانوني ڪارروائي جو نوٽيس وٺي. شاهي شيد وڌيڪ چيو ته سنڌ جا قومپرست ۽ سنڌي ماڻهو اسان جا ڀائر آهن.