انڙپور جي ڪچي ۾ کوسا ۽ ماڇي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) انڙپور جي ڪچي ۾ کوسا ماڇي برادرين ۾ پراڻي خوني تڪرار  شديد فائرنگ ۾  هڪ ڄڻو مارجي ويو ڌرين  +جا 3  ڄڻا  ۽ 5 مينهون زخمي ٿيون، ڪچي واري علائقي ۾ کوسا ماڇي تڪرار ھڪ دفعو ٻيهر تيز ٿي ويو، ڌرين طرفان هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ اشرف ماڇي ، دوست علي بولياڻي کوسو، غلام علي کوسو سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا شديد فائرنگ سبب زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ ۾ سخت مشڪلاتون هئڻ سبب زخمي دوست علي بولياڻي کوسو واقعي واري هنڌ  زخمن جا سور نه  سهندي فوت ٿي ويو، جڏھن ته فائرنگ ۾ 5 مينهون پڻ زخمي ٿي پيو ڪيترن ڪلاڪن کان فائرنگ هلندڙ ھئڻ باوجود ٻڍاپور پوليس ڪابه اڳڀرائي ڪري فائرنگ بند نه ڪرائي سگهي، وڌيڪ خونريزي جو خدشو پيدا ٿي ويو، 10 سالن کان هلندڙ ماڇي کوسا خوني تڪرار ۾ کوسا ڌر جا چار ڄڻا مارجي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.