اسلام آباد ( م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته افغان پناهگيرن جو مسئلو ٻه طرفو آهي، ان معاملي تي ڪميشن ٺاهي مسئلو حل ڪيو وڃي. هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته افغانستان افغانين جو آهي، کين آخرڪار وڃڻو هو، افغانستان پنهنجي عالمن کان فتويٰ وٺي ته پاڪستان ۾ هٿياربند ڪارروائي کي جهاد نٿو چئي سگهجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته افغان پناهگيرن جو مسئلو ٻه طرفو آهي، هڪ طرفي فيصلا لاڳاپا خراب ڪندا، افغان پناهگيرن جي معاملي تي ڪميشن ٺاهي مسئلو حل ڪيو وڃي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته امن هميشه انصاف سان ايندو آهي، ناانصافي هوندي ته امن نٿو اچي سگهي.