اي سي او ڪانفرنس: وزيراعظم پارن غزا ۾ جارحيت تي اسرائيل جي احتساب جو مطالبو

تاشقند (م ڊ ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اي سي او جي سمورن ملڪن کي غزه ۾ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.  اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته غزا ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. جنگ فوري طور بند ٿيڻ گهرجي. تاشقند ۾ ٿيندڙ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اي سي او جي 16هين  سربراهي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ اعزاز آهي.  هن چيو ته اقتصادي تعاون تنظيم خطي جي ترقي لاءِ اهم فورم آهي. خطي ۾ واپاري سرگرمين سان ئي ترقي ممڪن آهي. اي سي او ميمبر ملڪ معدني وسيلن سان مالا مال آهن. اي سي او ملڪن جي وچ ۾ واپار اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ خصوصي ڪائونسل قائم ڪئي آهي. پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري جا وڏا موقعا موجود آهن. نگران وزيراعظم اجلاس ۾ اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ غزه ۾ جاري جنگ فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اي سي او ملڪ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.