ڪوئيٽا ( م ڊ ) ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر محسن داوڙ کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اين ڊي ايم سربراهه محسن داوڙ کي حراست ۾ وٺي خانگي اڏام ذريعي اسلام آباد روانو ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب محسن داوڙ اسلام آباد کان چمن واري ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ ڪوئيٽا پهتو هو.