درخواست آهي ته افغانين سان عزت سان پيش اچو: ايمل ولي خان

مالاڪنڊ ( م ڊ ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) اڳواڻ ايمل ولي خان جو چوڻ آهي ته درخواست آهي ته افغانين سان عزت سان پيش اچو. اهڙي  پاليسي ٺاهيو، جنهن سان افغان عزت سان زندگي گذاري سگهن. مالاڪنڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ايمل ولي خان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته غير قانوني رهائش قبول ناهي، افغان شهرين جو ڪيس مختلف آهي. امل ولي خان وڌيڪ چيو ته جيڪي افغاني پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهن ٿا انهن کي تنگ نه ڪيو وڃي. هن چيو ته 8 فيبروري تي پختون عوام ٻاهر نڪرندو ۽ پنهنجي مستقبل کي ترجيح ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.