بلاول جي پ پ بلوچستان جي اڳواڻن کي چونڊن جي تياري جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ايندڙ عام چونڊن لاءِ  ڀرپور تياري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل پڌرائي موجب پيپلز پارٽي بلوچستان جو اهم اجلاس پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ۾ ٿيو. ملاقات ۾ پيپلز پارٽي جي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر پڻ موجود هئي. ملاقات دوران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي قيادت وچ ۾ صوبي جي سياسي ۽ تنظيمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.. پ پ بلوچستان جي قيادت پارٽي چيئرمين کي چونڊ مهم بابت سندن تجويزن کان آگاهه ڪيو. مير چنگيز جمالي، روزي خان کوکر، سربلند خان جوگيزئي، نواب ثناءُ الله زهري، جنرل رٽائرڊ عبدالقادر بلوچ، سيد قائم علي شاهه، علي مدد جتڪ، سردار عمر گرجي، اعجاز بلوچ، ڊاڪٽر برڪت بلوچ، غزالا گولا، اقبال شاهه، بسم الله خان کوکر، جمال سراج رئيساڻي، ڪشور احمد جتڪ، ملڪ نورالدين کوکر، سردارزاده بابا غلام رسول عمراني، مير حسين بخش بنگلزئي، مير نصيب الله شاهواڻي، مير رياض احمد شاهواڻي، مير سليم خان کوسا، نوابزاده شوڪت زهري، نويد محمد دراني، نوابزاده شعيب زهري، مير نصيب الله شاهواڻي. ان موقعي تي خان شاهواڻي، صابر بلوچ، صادق عمراني، سردار خير محمد ترين ايڊووڪيٽ، شريف خلجي، ملڪ ذيشان حسين، سيد اقبال شاهه، طاهر محمود خان، حيات خان اچڪزئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.