ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ هڪ ڄڻي ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب ڪانگو وائرس ۾ مبتلا شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. صحت کاتي جي ذريعن موجب هن سال سنڌ ۾ ڪانگو سبب 4 ڄڻا متاثر ٿيا آهن. واضح رهي ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي ڊاڪٽرن ۾ به ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سنڌ جي صحت کاتي ايڊوائزري جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ صوبي جي سمورن اسپتالن کي ڪانگو وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.