دادو /جوهي/واھي پانڌي (نمائندن وٽان) دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ قصبو ٿاڻي جي حد ۾ لغاري ۽ بروهي برداري ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، جهيڙي ۾ مارجي ويل 2 ڄڻن جو تعلق بروهي برادري ۽ هڪ ڄڻو لغاري برادري جو ٻڌايو وڃي ٿو، ڌرين ۾ ڪجهه عرصي کان زميني تڪرار تان جهيڙو ٿيو هو ۽ ڌرين هڪٻئي مٿان قصبو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايا هئا ۽ ڌريون ڪورٽن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيون هيون ته ٻيهر تڪرار ڪر کنيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 انساني جانيون قبائلي تڪرار جي ور چڙهي ويون، مقتولن ۾ بروهي برادري جا 2 سڳا ڀائر حنيف بروهي ۽ شريف بروهي شامل آهن، جڏهن ته لغاري برادري جو هڪ ڄڻو نصير ولد جڙيل لغاري قتل ٿي ويو، مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙي تي ضابطو آندو، ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار ڪاڇي ۾ ٻن ڌرين لغاري ۽ بروهي وچ ۾ ٿيل تڪرار جو سخت نوٽيس وٺندي پوليس جي نفري وڌائي ڇڏي، پوليس مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقا اسپتال جوهي ۾ سخت پهري هيٺ پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايا جتان مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ ايس ايس پي دادو پاران مختلف هنڌن تي پوليس پڪٽ قائم ڪيون ويون.