اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري بشريٰ بي بي خلاف نواز ليگ نئون سلسلو شروع ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شير افضل مروت چيو ته نواز جي پاڪستان پهچڻ بعد ان مان سٺي ۽ خيال رکندڙ ڪردار جي ام يد هئي، نواز شريف اعلان ڪري ها ته پاڪستان وڌيڪ سياسي بي امن جي سٽ نٿو سي سگهي، شير افضل مروت وڌيڪ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اليڪشن جي دوران بهتر رويي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پوري پارٽي کي 9 مئي جي معاملي ۾ منجهايو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته جي يو آءِ ف جي ددائود خٽڪ پي ٽي آءِ ۾ غير مشروط شموليت اختيار ڪئي آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ سياسي شخصيتون پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون.