”بحريا ٽائون زمين جو مالڪ ناهي“سپريم ڪورٽ پاران زميني سروي جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين جي سروي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . سپريم ڪورٽ آف پاڪستان بحريا ٽائون جي جمع ڪرايل رقم جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. سپريم ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون طرفان جمع ڪرايل رقم جي طلبي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته ڇا ايف بي آر بحريا ٽائون جي آڊٽ ڪئي آهي؟. چيف  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ڏيڻ جي آڇ پاڻ ڪئي هئي،بحريا ٽائون جيڪڏهن خراب سودي ۾ ڦاسي به ويو آهي ته ذميواري ان جي پنهنجي آهي .جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا سرڪاري زمين نيلاميءَ کان سواءِ ڪنهن کي ڏئي سگهجي ٿي؟ نيب کي عدالتي فيصلي جي روشنيءَ ۾ ريفرنس داخل ڪري رڪوري ڪرڻ ڏني وڃي . عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جو بحريا ٽائون ڪراچي بابت فيصلو حتمي ٿي چڪو آهي، ان تي عمل هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجي، ايئن ممڪن نه آهي ته عدالت پنهنجي  حڪم تان پوئتي هٽي وڃي، گارنٽي ڏيڻ وارن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي.  چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي دوستي ٿي وئي آهي، رقم جو هڪ حصو بحريا ٽائون جمع ڪرايو ٻيو حصو ٻاهرين ملڪ کان آيو.چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ٻئي چون ٿا ته پئسا انهن کي ڏنا وڃن، ڇا ايم ڊي اي بحريا ٽائون کي سموريون لاڳاپيل منظوريون ڏنيون هيون؟ . جسٽس اطهر من الله چيو ته  ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي قانون تي عملدرآمد کان سواءِ زمين ڪيئن بحريا ٽائون جي حوالي ڪري ڇڏي؟. عدالت سروي رپورٽ 23 نومبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ حڪومت کي به بحريا ٽائون  جي قبضي هيٺ زمين جا مڪمل تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي . سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي  ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس ملڪ رياض جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي موڪل سان رابطو ڪري.  جسٽس اطهر من الله چيو ته بحريا ٽائون جي 12 هزار ايڪڙ زمين مان فائدو ٿي رهيو آهي. ڇا ايف بي آر بحريا ٽائون جو آڊٽ ڪيو آهي؟. سلمان بٽ چيو ته بحريا ٽائون کي مارڪيٽ اگهه کان وڌيڪ قيمت وصول ڪري تعصب جو نشانو بڻايو ويو. چيف جسٽسچيو ته  توهان لولي ووڊ جي ڊومين ۾ وڃي خبرون ٺاهي رهيا آهيو. چيف جسٽس چيو ته توهان تي خبر پئجي وئي، هاڻي قانون جي ڳالهه ڪريو، بحريا ٽائون پاڻ 460 ​​ارب جي آڇ پاڻ ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.