ڪراچي ( رپورٽر ) ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ اسد عثماني پ پ پاران تنقيد تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته بلاول زرداري جي هٿ ۾ وزيراعظم جي لڪير ناهي، شهباز شريف جو احسان مڃي جنهن کيس پرڏيهي وزير بڻايو. ن ليگ اڳواڻ اسد عثماني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عوام ڪرپشن تي نه پر ڪارڪردگيءَ تي ووٽ ڏئي ٿو، سنڌ ۾ مسلم ليگ ن ۽ سندن اتحادي حڪومت ٺاهيندا. هن چيو ته ڪراچي جو ميئر ڪم نظر نٿو اچي سندس نچڻ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.ن ليگ ۽ اتحادي ايندڙ حڪومت ٺاهي سنڌ جي عوام جون محروميون ختم ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن سنڌ جي عوام کي گرين بس ۽ اورنج ٽرين جهڙا تحفا به ڏيندي.