اسرائيل فلسطين تڪرار مذهب جي جنگ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي: جوزپ بوريل

برسلز(م ڊ) يورپي يونين جي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي تعلق سلامتي  پاليسي جوزپ بوريل چيو آهي ته اسرائيل فلسطين تڪرار ۽ مذهب جي جنگ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي .ترڪ خابرو اداري موجب ڪانفرنس آف ايمبيسيڊرز جي افتتاحي اجلاس سان خطاب ۾ هن چيو ته اسرائيل فلسطين جنگ روڪڻ لاءِ جيڪو ڪرڻو پوي سڀني کي ملي ڪري ڪرڻ گهرجي هن چيو ته محاذ جي صورتحال هر گذرندڙ ڏينهن ۾خراب ٿي رهي آهي ان جي باوجود پرڏيهي ملڪن سميت هر ڪوئي ان طرف کان  نظرون ڦيري رهيو آهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عالمي برادري فلسطين جي مسئلي جي ٻه رياستي حل تي زور ڏيندي رهي پر ان حل لاءِ ڪو به  ڀروسي جي قابل روڊ ميپ نه ڏنو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.