نواز شريف سياسي گرمي پد گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: فواد چوڌري

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. اسلام آباد  پوليس جڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود جي عدالت ۾ فواد چوڌري کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي پيش ڪيو، ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جي درخواست تي کيس وڪيلن سان صلاح مشوري لاءِ به وقت ڏنو ويو. فواد چوڌري جي وڪيل قمر عنايت راجا فواد چوڌري جون هٿڪڙيون کولڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت فواد چوڌري جي هڪ هٿ جي هٿڪڙي کولڻ جو حڪم ڏنو. وڪيلن سان صلاح مشوري کانپوءِ فواد چوڌري روسٽرم تي آيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته اها ٽين پيشي آهي ۽ مدعي سامهون ناهه آيو، جيڪڏهن کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ته مون سان گڏ پوليس گارڊز هوندا. انهن سان منهنجو ڪو تعلق ناهي، عدالت فواد چوڌري جي رمانڊ بابت فيصلو محفوظ ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي فواد چوڌري کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي فواد چوڌري چيو ته اهڙي اليڪشن نواز شريف کٽيندو ته ڪير مڃيندو؟ هن چيو ته 50 سالن جي سياست کانپوءِ به جيڪڏهن نواز شريف اهڙي طرح وزيراعظم بڻجي ويو ته ڪهڙو وزيراعظم هوندو؟ فواد چوڌري چيو ته سياسي پارٽين ۾ ڳالهين جي ضرورت آهي، نواز شريف سياسي گرمي پد گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ايوب خان جو دور معاشي نقطه نگاهه کان سٺو هو پر 1965ع واري اليڪشن سندس ڳچيءَ ۾ پئجي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.