اسان کي خبر آهي ته سنڌ فلڊ رليف جا پئسا متاثرن کي نه ملندا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ فلڊ رليف جي نالي تي سرڪاري ملازمن جون پگهارون ڪٽڻ واري معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته هي پئسا متاثرن کي نه ملندا ۽ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو سڀ کائي ويندا،  عدالت سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 11 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ فلڊ رليف جي نالي تي سرڪاري ملازمن جون پگهارون ڪٽڻ خلاف سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي ملازمن جي درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواست گذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ فلڊ رليف جي نالي تي اسان جون پگهارون بنا اجازت ڪٽيون ويون آهن، تعليم کاتي ۽ ٻين کاتن جي ملازمن جون پگهارون واپس ڪيون ويون آهن، صرف اسٽيوٽا ملازمن جون پگھارون ڪٽي امتيازي سلوڪ ڪيو ويو آھي، جنهن تي عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته جڏھن ٻين کاتن جي ملازمن جون پگھارون واپس ڪيون ويون آھن ته پوءِ ھنن کي واپس ڇو ناھن ڪيون ويون، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت جي حڪم تحت اسڪول ۽ ڪاليج جي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ٿيل فلڊ رليف فنڊ واپس ڪيو ويو آهي. عدالت چيو ته ڇا حڪومت کي اهو اختيار آهي ته فلاحي ڪمن جي نالي تي پگهارون ڪٽي؟ اسان کي خبر آهي ته هي پئسا متاثرين کي ملندا به نه  ۽ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو سڀ کائي ويندا، عدالت سنڌ حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي 11 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.