ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان ايڪي جي اظهار لاءِ جماعت اسلامي ۽ ڪراچي پريس ڪلب پاران غزا مارچ ڪيو ويو. غزا مارچ ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مارچ ۾ شريڪ ماڻهن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي. غزا مارچ کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته مارچ ۾ شامل سمورن ٻارن ۽ استادن جو شڪر گذار آهيان، اهي ٻار سڄي امت جي مسلمانن کي پيغام ڏئي رهيا آهن. حافظ نعيم الرحمان چيو ته يهودي سمجهن ٿا ته هو گريٽر اسرائيل ٺاهيندا، اسرائيل پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ٻارن کي شهيد ڪري رهيو آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير وڌيڪ چيو ته اسان جو تعليمي نظام اهو نٿو ٻڌائي ته آمريڪا دهشتگرد رياست آهي، آمريڪا اڄ اسرائيل جي حمايت ڪري رهيو آهي، اسرائيل هڪ ناجائز رياست آهي.