ڪراچي (رپورٽر) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جا جوابدار عدالتي طلبي باوجود پيش نه ٿيا، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايڇ او ڪلفٽن کي جوابدارن کي نوٽيس تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران عدالتي طلبي باوجود جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت اڳوڻي ڊي آءِ جي شعيب سڊل، اڳوڻي پوليس آفيسر واجد دراني سميت 19 جوابدارن کي طلب ڪيو ھو، عدالت ايس ايڇ او ڪلفٽن کي جوابدارن کي نوٽيس تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي 13 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو، عدالت حڪم ڏنو ته فوت ٿي ويل جوابدارن جي به تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت پاران طلب ڪيل جوابدارن ۾ اڳوڻو ڊي آءِ جي ڪراچي شعيب سڊل، اڳوڻو ايس ايس پي ڏکڻ واجد دراني، مسعود شريف، شاهد حيات، راءِ محمد طاهر، شبير احمد قائمخاني، مسلم شاهه، عبدالباسط، ذاڪر ۽ ٻيا شامل آهن، پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته اڳوڻو پوليس اهلڪار شاهد حيات، ذوالفقار احمد، آغا محمد جميل، مسعود شريف، راءِ محمد طاهر، شبير احمد قائم خاني به گذاري ويا آهن، عدالت چيو ته جيڪي جوابدار فوت ٿي ويا آھن انھن جي تصديق ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.