ٺٽي ضلعي جي ختم ڪيل تڪ پي ايس 79 جي بحالي لاءِ اعتراض تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( بيورو )ٺٽي ضلعي جي ختم ڪيل صوبائي  اسمبلي جي تڪ پي ايس 79 ميرپور ساڪري جي بحالي لاءِ سينيٽر سسئي پليجو جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اليڪشن ڪميشن جي جوڙيل بئنچ آڏو قانوندان شھاب اوستو ۽ رشيد راڄڙ پيش ٿي دليل ڏنا. وڪيلن دليل ڏيندي ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي ۾ آدمشماري جي لحاظ کان 2002ع کان صوبائي اسيمبلي جون ٽي سيٽون رھيون آھن. اي سي پي پاران ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي واري سيٽ ختم ڪري مقامي ماڻهن سان زيادتي ڪئي وئي آھي. وڪيلن پنھنجي موقف ۾ ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ نين تڪ بندين ۾ ختم ڪيل سيٽن جو ڪو نه ڪو سبب ڄاڻايو ويو آھي پر ميرپور ساڪري تعلقي جي سيٽ ختم ڪرڻ جو ڪو به سبب ناھي ڄاڻايو ويو ۽ ٺٽي جا باقي 2 صوبائي تڪ ساڍا پنج لک کان وڌيڪ آبادي تي جوڙيا ويا آھن جڏهن ته ڪيترن ئي ھنڌن تي ٽي لک 60 ھزار آبادي تي تڪ جوڙيا ويا آهن پر سمنڊ جي ڪناري وارن ڏورانھين علائقن ۾ ساڍا پنج لک آبادي تي تڪ جوڙڻ سان ٻٽو معيار ظاهر ٿئي ٿو، اليڪشن ڪميشن پاران آئين ۽ رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي تڪ ختم ڪيو ويو آهي، جيڪو بحال ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي جوڙيل بئنچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.