وڏي وزير جو ايس آءِ يو ٽي جو دورو، ڊاڪٽر اديب رضوي پاران آجيان

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن جو دورو ڪيو، وڏي وزير  جي ايس آءِ يو ٽي پهچڻ تي جي پي ايم سي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول، ڊي يو ايڇ ايس ڊاڪٽر ساجده قريشي ۽ ٻين کيس ڀليڪار ڪيو. وڏي وزير ڊاڪٽر اديب رضوي کي گلن جو گلدستو ڏيندي سندس صحت ۽ وڏي ڄمار لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير چيو ته توهان هن ملڪ جو اثاثو آهيو ۽ توهان جي موجودگي منهنجي لاءِ اطمينان جوڳو آهي. جسٽس باقر کي روبوٽڪ سرجري ٿيٽر آندو ويو جتي هن روبوٽڪ سرجري جو آپريشن ڏسندي روبوٽڪ آپريشن جي طريقيڪار بابت سوال پڇيا. وڏي وزير کي ڪينسر جي مريضن جو علاج ڪرڻ ۾ روايتي ليپروڪوپي سرجري جي ڀيٽ ۾ روبوٽڪ سرجري جا فائدا ڏيکاريا ويا. ڊاڪٽر اديب رضوي وڏي وزير کي ٻڌايو ته جيڪا ڳالهه روبوٽڪ سرجري کي ڪارائتو بڻائي ٿي ان ۾ انساني سرجن جي رهنمائي هيٺ درست قدم کڻڻ جي صلاحيت آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته جسم جي اهڙين ننڍڙن هنڌن تي جتي سرجن جا هٿ ۽ اکيون نٿيون ڏسي سگهن اتي روبوٽڪس ذريعي آسانيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. ووڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته روبوٽڪ سرجري جا فائدا يورولوجي، ڪولوريڪٽل، هيپاٽوبيلري، فارگيٽ سرجري ۽ گائناڪولوجي سرجري جي شعبن ۾ گهڻا هوندا. هن وڌيڪ چيو ته هن روبوٽڪ سسٽم ذريعي 700 جي لڳ ڀڳ ڪيس ڪاميابيءَ سان انجام ڏنا ويا آهن. رڳو ڪراچي ۾ 1700 کان وڌيڪ سرجريون ٿي چڪيون آهن. ڊاڪٽر اديب چيو ته ڪراچي ۾ ڪاميابي جي بنياد تي ايس آءِ يو ٽي سڄي سنڌ ۾ روبوٽڪ سرجري جي پهچ کي وڌائڻ جي راهه تي گامزن آهي سکر ۾ روبوٽڪ سرجري ذريعي 200 کان وڌيڪ سرجريون ڪيون ويون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.