ن ليگ سينيٽر پاران پي ٽي آءِ اڳواڻن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد(م ڊ)  ن ليگ سينيٽر پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر سعديه عباسي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽرن جا پروڊڪشن  آرڊر جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پرويز الاهي جي بار بار گرفتاري تي به تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر سعديه عباسي چيو ته منهنجو ضمير چوندو آهي ته ڳالهائڻ ۽ آواز اٿارڻ لاءِ اعجاز چوڌري، اعظم سواتي، شوڪت ترين، شبلي فراز ۽ فيصل جاويد کي سندن آئيني ۽ بنيادي حق ڏنو وڃي. انهن کي ايوان ۾ اچڻ گهرجي ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي ڇو ته اهي عوام جا نمائندا آهن، جيڪڏهن اسان پنهنجن ساٿين جي عزت نه ڪنداسين ته پوءِ ڪير ڪندو. هن چيو ته گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ پرويز الاهي واحد شخص آهي جنهن کي 20 ڀيرا گرفتار ڪيو ويو ۽ 20 ڀيرا ضمانت ملي، هر ڀيري پرويز الاهي کي نئين ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.