ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گلزارهجري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس اهلڪارن تي شهري جي مبنيا اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪي اهلڪار ملوث آهن هنن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته گلزار هجري ٿاڻي جي پوليس رات جو گهر ۾ داخل ٿي صدام کي اغوا ڪيو، صدام هن مهل تائين گم آهي ان جي ڪا به خبر ناهي، عدالت ايس ايڇ او گلزار هجري ٿاڻي تي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته اوهان بغير اجازت عوام جي گهرن ۾ داخل ٿي انهن کي اغواڪري رهيا آهيو، اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.