لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي نگران حڪومت سموگ کي نظر ۾ رکندي لاهور سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ جمعي تي موڪل جو اعلان ڪيو آهي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي سموگ کي نظر ۾ رکندي لاهور ڊويزن جي سمورن ضلعن گوجرانوالا، وزيرآباد ۽ حافظ آباد ۾ جمعي 10 نومبر تي موڪل جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته شادي حال جمعي، ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهندا جڏهن ته پارڪ بند رهندا، بيڪريون ۽ فارميسي، ٽيڪ اَي ريسٽورنٽ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کليل رهندي. پنجاب جي نگران وڏي وزير چيو ته ڪارخانا بند نه پيا ڪيا وڃن، مارڪيٽون ڇنڇر تي بند هونديون، واپاري جمعي تي مناسب سمجهن ته بند ڪن. محسن نقوي چيو ته ڀارت ۾ فصلن جي باقيات جو سمورو اثر پاڪستاني پنجاب تي پيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ نئين دهلي ۾ به اسڪول بند ڪيا ويا، انهن کي به سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان انهن شهرن جي به نگراني ڪري رهيا آهيون جتي تيز سموگ آهي، محسن نقوي چيو ته عوام ماسڪ پائي، ٻارن ۽ بزرگن کي به ماسڪ ضرور پائڻ گهرجي.