ڊکڻ ڀرسان خوني تڪرار تان فائرنگ، 2 سڳا ڀائر مارجي ويا

ڊکڻ (عوامي آواز نيوز) ڊکڻ ويجهو شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار تان 2 سڳا ڀائر مارجي ويا، ڳوٺ ڳڙهي صاحب خان ويجهو شرن جي وانڍ  ۾ ٽمو شر ۽ دودو شر جي ڌرين هڪ ٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب دودو شر ڌر جا 2 سڳا ڀائر دودو شر ۽ وحيد شر مارجي ويا، پوليس ذريعن  جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٽمو شر واري ڌر جو هڪ ڄڻو مزاري شر مارجي ويو هو، دودو شر واري ڌر علائقي مان لڏي وئي هئي، ٺاهه کانپوءِ دودو شر وارا علائقي ۾ واپس آيا ته ٻيهر ڇڪتاڻ وڌي وئي ۽ جهيڙو ٿيو،  پوليس مارجي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.