علي گوهر مهر سميت 15 جوابدارن مٿان اغوا ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: نصرالله گڏاڻي) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ علي گوھر مھر ۽ علينواز مھر جي اپيل رد ڪندي اڳوڻي ايم پي اي علي گوھر / مھر سندس ڀاءُ اڳوڻي صوبائي وزير علي نواز عرف راجا مھر اڳوڻي ضلع ڪائونسل چيئرمين حاجي خان مھر انور مھر پٽ راجا مھر ڪمال دين مھر ۽ گامڻ گبول سميت پندرھن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏھن تھ گھوٽڪي جي وڪيل سيد قمبر شاھ جي پٽيشن تي ڪجھه مھينا اڳ ميرپورماٿيلي جي عدالت سيد قاسم شاھ پٽ سيد قمبر شاھ کي اغوا ڪرڻ، گاڏي چاڙهي حادثي جي بهاني قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ٻھ مھينا اڳ ڄاڻايل جوابدارن سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ آرڊر خلاف اپيل داخل ڪرائي ھئي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ مهر ڀائرن جي اپيل رد ڪندي سيد قمبر شاھ جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ميرپورماٿيلي جي عدالت جي حڪم کي بحال ڪندي ايس ايچ او سرحد کي ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.