سکر: پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ علي گوهر مهر آصف زرداري اڳيان تقرير ڪندي مطالبا رکيا ته گهوٽڪي ضلعي ملڪ کي 34 سيڪڙو گئس ڏيندڙ آهي، 1954 ۾ پهريون گئس نڪتو، پر هن وقت تائين گهوٽڪي کي پنهنجا حق نه ملي سگهيا آهن، هن چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان جو وڏو مسئلو آهي، ڪچي ۽ پڪي ۾ اسڪول ۽ وسيلا فراهم ڪري حڪومتي رٽ بحال ڪئي وڃي، هن مطالبو ڪيو ته پراڻي دور واري جرڳا سسٽم کي بحال ڪري ڪميٽيون ٺاهڻ گهرجن، هن چيو ته عمرڪوٽ ۾ جيئن ڊيم ٺاهيا ويا آهن، گهوٽڪي ضلعي ۾ وارياسي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا وڃن گهوٽڪي فيڊر ۽ بي ايس فيڊر جي لائيننگ ڪرائي وڃي.