آصف زرداري جي آمد:ڌاريجا ڀائرن ۽ سندن حامين شرڪت نه ڪئي

سکر(رپورٽ آزاد مهر) آصف زرداري جي خانڳڙهه ياترا، ڌاريجا ڀائرن ۽ سندن حامين مان ڪنهن به پروگرام ۾ شرڪت نه ڪئي، ڄام مهتاب ڏهر، هالار پتافي ۽ مهر گروپ ۾ شامل نادر اڪمل لغاري، ميان مٺو، رحيم بخش بوزدار، بنگل خان مهر سميت اهم اڳواڻ به گم، زرداري مهر ڀائرن جي پارٽي ۾ شموليت تي لفظ به نه ڳالهايو، خبر موجب اڳوڻو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تازو پ پ ۾ شموليت ڪندڙ اڳوڻي ايم پي اي علي گوهر مهر جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ خانڳڙهه جي گوهر پيلس پهتو مهر ڀائرن جي مخالف ڌاريجا ڀائرن ڄام سيف الله ڌاريجو، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو ۽ ٻين مان ڪنهن آصف زرداري جي پروگرام ۾ شرڪت نه ڪئي، ڌاريجا ڀائرن جا حامي ضلع ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽي جا ميمبر به شريڪ نه ٿيا، پيپلز پارٽي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري سڪندر لاکو، سٽي گهوٽڪي جي صدر رضوان نادر شاهه جيلاني سميت پ پ گهوٽڪي ضلعي، تعلقه ۽ سٽي جي عهديدارن مان اڪثريت شرڪت نه ڪئي، گهوٽڪي ضلعي جي اوٻاوڙو تعلقه سان واسطو رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، تازو پ پ ۾ شموليت ڪندڙ باري پتافي جو ڀاءُ هالار پتافي،مهر گروپ جا اتحادي اڳوڻو صوبائي وزير نادر اڪمل لغاري، ميان عبدالحق عرف ميان مٺو به جلسي ۾ نه آيا،علي گوهر مهر جو پراڻو دوست ۽ اڳوڻو ايم پي اي رحيم بخش بوزدار به پ پ جو حصو هوندي جلسي ۾ نه آيو، محمد بخش مهر جو ننڍو ڀاءُ بنگل مهر به جلسي ۾ نه آيو، محمد بخش مهر جا حامي خانڳڙهه ٽائون جو چيئرمين عبدالرزاق مهر ۽ سندس چاچو زبردست خان مهر، پ پ ضلعي جو نائب صدر دادن خان مهر به شريڪ نه ٿيا، آضف علي زرداري پنهنجي خطاب ۾ علي گوهر مهر ۽ سندس ڀاءُ علي نواز مهر جي پارٽي ۾ شموليت جي معاملي تي لفظ به نه ڳالهايو، اڳوڻي وزيراعليٰ علي محمد مهر جي پٽ احمدعلي مهر کي اسٽيج تي ڪرسي نه ملڻ سبب سمورو پروگرام تائين بيٺل رهيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.