اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته نگران حڪومت وٽ منظور ٿيل قانون ڏسڻ جو مينڊيٽ نه آهي، سينيٽ جي اجلاس ۾ ڌيان ڏياريو نوٽيس تي رضا رباني چيو ته نگران حڪومت وٽ مينڊيٽ ناهي ته اهڙا قانون ڏسي جيڪي گذريل پاس ڪيا هئا، هن چيو ته نگران حڪومت جي قانون سازي متعلق ڪابينه ڪميٽي جي جوڙڪ آئين جي خلاف آهي، رضا رباني چيو ته نگران حڪومت ان قدم جي ذريعي سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ کي بلڊوز ڪندي، اجلاس دوران نگران پارلياماني وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪابينه ڪميٽي رولز آف بزنس جي تحت ٺهي آهي، اها ڪميٽي قانون سازي جي لاءِ ناهي، رول ٺاهڻ متعلق آهي.