نواز شريف هميشه امپائر کي پاڻ سان ملائي کيڏندو آهي : عمران خان

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته عمران خان چوي ٿو ته نواز شريف هميشه امپائر کي پاڻ  سان ملائي کيڏندو آهي، هن ڀيري نواز شريف جي ڪوشش آهي ته اسان جي پوري ٽيم کي کيڏڻ نه ڏنو وڃي. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ سميت لاڳاپيل ادارن کان ليول پليئنگ فيلڊ جو مطالبو ڪيو آهي، عمران خان چيو آهي ته ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ تي چونڊون تڪراري ٿي وينديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وڌندڙ دهشتگردي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هو هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو. گوهر علي خان چيو ته عمران خان نيب ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو، انتظام ڪيا وڃن، جيلر طرفان نيب ڪيس جي نوٽيس جي ڪاپي پي ٽي آءِ چيئرمين کي پهچائي وئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين نيب ترميمن جي حوالي سان پاڻ پيش ٿيڻ جو چيو آهي.

نگران وزير اعظم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملاقات

سلام آباد (م ڊ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي فنڊز ۽ گهربل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي. تفصيل موجب  نگران وزيراعظم سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملاقات ٿي،  ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ سموريون ضروري تياريون ڪري ورتيون آهن، پولنگ اسٽيشنز ۽ پولنگ عملي جون لسٽون به تيار آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته چونڊ مواد جي ڇپائي جو ڪم به آخري مرحلن ۾ آهي، جڏهن ته سمورن ضلعن ۾ چونڊ لسٽون پهچائڻ جا انتظام پڻ مڪمل آهن. سڪندر سلطان راجا چيو ته اليڪشن ڪميشن وقت تي چونڊون ڪرائڻ ۽ اليڪشن شيڊول جاري ڪرڻ جو پابند آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر وزيراعظم کي عام چونڊن جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مرڪزي آفيس جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران وزيراعظم چيف اليڪشن ڪمشنر کي عام چونڊون ڪرائڻ ۽ حڪومتي سهڪار، فنڊز ۽ گهربل سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.

آصف زرداري جي آمد: خانڳڙهه ۾ سخت حفاظتي انتظام

خانپورمهر(رپورٽ: ميهرمهر ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري خانڳڙھ ۾ علي گوهر خان مهر جي دعوت تي خانڳڙھ پهتو، مهر ڀائرن علي  گوهر خان مهر ،محمد بخش خان مهر،علي نواز عرف راجا خان مهر ،حاجي خان مهر ،احمد علي خان مهر ۽ ٻين پاران آصف علي زرداري جو استقبال ڪيو، جلسي ۾ پيپلزپارٽي قيادت جا اهم اڳواڻ جن ۾ اڳوڻو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، خورشيد شاھ، قائم علي شاهه،شرجيل انعام ميمڻ، منظور حسين وساڻ، ناصر شاه، عاجز ڌامراهه، آغا سراج دراني،سعيد غني، نثار کهڙو، عبدالباري پتافي، خالد احمد خان لنڊ. بابر علي لنڊ. احسان سندراڻي. شهريار شر ،مڪيش چاولا،نادر مگسي ۽ ٻيا پارٽي قيادت جا اهم اڳواڻ پهتا، سردار محمد بخش خان مهر ،غوث بخش خان مهر،مير خالد احمد خان لنڊ، مير بابر خان لنڊ ،چاڪر خان بوزدار ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳوڻي صدر جي آمد جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.