دنيا اسرائيل کي روڪڻ ۾ ناڪام،وڌيڪ 306 فلسطيني شهيد

تل ابيب(م ڊ)غزا ۾ اسرائيلي حملن سبب شهيدن جو انگ 10 هزار 328 کان وڌي ويو آهي، اتر غزا ۾ هن وقت 8 محاذن تي ويڙهه جاري آهي، شهر ۾ غذا جي کوٽ سنگين ٿي وئي آهي، اڪثر بيڪريون بند ٿي چڪيون آهن، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 306 فلسطيني شهيد ٿيا جن ۾ 78 عورتون ۽ 139 ٻار  شامل آهن، فلسطيني صحت وزارت چيو ته هر ڪلاڪ ۾ سراسري 5 عورتون ۽ 6 ٻار شهيد ٿي رهيا آهن، غزا ۾ 50 سيڪڙو اسپتالون بمباري ۽ ٻارڻ ختم ٿيڻ سبب بند ٿي چڪيون آهن، رفع ۽ خان يونس ۾ اسرائيلي بمباري ۾ 23 ڄڻا شهيد ٿي ويا، غزا ۾ اسرائيلي حملي ۾ فلسطيني صحافي پنهنجي خاندان جي 42 ڄڻن سميت شهيد ٿي ويو، جڏهن ته  اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن يا هو چيو آهي ته سندس ملڪ حماس سان جنگ کان پوءِ ڊگهي عرصي تائين غزه جي سيڪورٽي سنڀالينداسين . اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي انٽرويو ۾ حماس جي انتطام هيٺ وزارت صحت جي انگن اکرن سان اختلاف ڪيو جنهن مطابق غزه ۾ شهيد ٿيندڙن جو انگ 10 هزار کان به وڌي ويو آهي انهن ۾ 4 هزار کان به وڌيڪ ٻار شامل آهن هوڏانهن حماس جي اڳواڻ اسامه حمدان اسرائيل جي انهن الزامن کي رد ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته حماس الشفا اسپتال جي آڙ ۾ پنهنجي ويڙهاڪن کي تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي. ٻئي پاسي  فلسطين اسرائيل جي ثقافت واري وزير جي غزه تي ايٽم بم ڪيرائڻ وارن بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته اسرائيل جو وزير غزه کي نئين هيروشيما طور ڏسڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.