نيويارڪ ۾ يهودين پاران غزا تي جاري اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاج

نيويارڪ ( م ڊ ) نيويارڪ ۾ يهودين غزا تي جاري اسرائيلي جارحيت خلاف احتجاج ڪيو ۽ غزا ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي  ميڊيا موجب نيويارڪ ۾ سوين يهودين غزا ۾ اسرائيلي بربريت خلاف آواز اٿاريو ۽ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ميڊيا رپورٽن موجب احتجاج دوران يهودين کي ڪارا ڪپڙا پهريل هئا، جڏهن ته انهن آزادي جي علامت مجسمي لبرٽي به کنيو ۽ نرالي انداز ۾ احتجاج ڪيو. رپورٽن مطابق يهودي مظاهرين فلسطين ۾ اسرائيلي بمباري ۽ نسل ڪشي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. احتجاج دوران مظاهرين چيو ته سڄي دنيا ڏسي رهي آهي، فلسطين کي آزاد ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.