ماڙي جلباڻي جي شهيدن جو چاليهو، ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي:زين شاهه

سڪرنڊ (رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس ھٿان شھيد ٿيل ڳوٺاڻن نظام الدين، امام بخش، ميھار ۽ سجاول جي چاليھي جي موقعي تي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ ۽  شھيدن جي وارثن الھداد علي نواز گل جلباڻي ۽ شھيدن جي معصوم ٻارڙن سميت ٻين پاران شھيدن جي آخري آرام گاھ تي گلن جون چادرون چاڙھي دعا گھري وئي، ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته شھيد ڳوٺاڻا بيگناھ هئا ۽ ھي وڏو ڏکائيندڙ واقعو ھو ۽ ان واقعي تي سموري سنڌ ڏکاري ھئي ۽ آهي، واقعي ۾ رياست  ملوث ھئي پر نگران حڪومت پھنجي غلطي تسليم ڪري شھيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ شھيدن جي وارثن جي مالي مدد ڪئي ادارن کي گھرجي جيڪي به اهلڪار ان سانحي ۾ ملوث آهن انھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي جئين اڳتي اھڙا واقعي نه ٿين، سيد زين شاھ چيو ته ڳوٺاڻن تي جيڪا سرڪار پاران ايف آءِ آر ڪٽي وئي آهي اها ڪوڙ تي ٻڌل آهي، ايف آءِ آر داخل ڪندڙ کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ٻئي پاسي شھيدن جي وارث الھداد جلباڻي چيو ته مونسان وڏو ظلم ٿيو آھي منهنجا ٻه پٽ شھيد ڪيا ويا آھن پر اڃان تائين انھن جا قاتل کي گرفتار نه ڪيو ويو آھي چاليھ ۾ شهيدن جي وارثن، عزيزن ۽ وڏي انگ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.