مسلم ليگ (ن) 33 رڪني منشور ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ نون منشور ڪميٽي جي ميمبرن جو اعلان ڪري ڇڏيو . ڪميٽي ميمبرن جو انگ 33 ٿي ويو . مسلم  ليگ (نون ) ميڊيا آفيس مطابق پارٽي صدر شهباز شريف جي منظوري سان سيڪريٽري جنرل احسن اقبال منشور ڪميٽي جوڙڻ جو باضابطه نوٽيفيڪشن جاري ڪيو . منشور ڪميٽي ۾ چئن صوبن ، آزاد ڪشمير ، گلگت بلتستان ۽ اقليتن کي نمائندگي ڏني وئي آهي . منشور ڪميٽي جو چيئر مين سينيٽر عرفان صديقي کي بڻايو ويو آهي جڏهن ته احسن اقبال ، پرويز رشيد ، سعد رفيق ، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، خرم دستگير ۽ ٻيا ميمبر طور شامل آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.