پ پ کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ، گڏجي چونڊ وڙهڻ جو اعلان

لاهور (م ڊ) ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم گڏيل چونڊ حڪمت عملي تي اتفاق ڪندي گڏجي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف جي  دعوت تي خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم وفد رائيونڊ ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل هئا، جڏهن ته ن ليگ طرفان ملاقات ۾ شهباز شريف، مريم نواز، خواجا سعد رفيق ۽ پرويز رشيد به شريڪ ٿيا. ذريعن موجب هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهندڙ ملاقات ۾ عام چونڊن، چونڊ اتحاد ۽ موجوده سياسي صورتحال تي گفتگو ڪئي وئي. ملاقات کانپوءِ ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ سعد رفيق چيو ته 8 فيبروري جون چونڊون رواداري جي ماحول ۾ وڙهڻ وڃي رهيا آهيون. فاروق ستار چيو ته ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل ڪنهن هڪ جماعت وٽ ناهي، قومي معيشت جي ڳالهه هجي يا قومي سياست جي ڪراچي جو ڪردار اهم آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته چونڊ اتحاد وزارتن لاءِ نه عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ٿيندو، 2013 ۾ ڪراچي جي 20 مان 17 سيٽون ايم ڪيو ايم کٽيون هيون، اسان ان پوزيشن تي واپس وينداسين. ٻنهي پارٽين اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي عوام کي موجوده مسئلن کان ڪڍڻ ۽ پاڪستان کي ٻيهر ترقي جي رستي تي آڻڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. ٻنهي پارٽين 6 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي گڏيل ڪميٽي ۾ ٻنهي پارٽين جا 3-3 ميمبر شامل  هوندا. جيڪي سنڌ صوبي خاص طور تي ان جي شهري علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل طور تي چارٽرڊ تيار ڪندا. . ڪميٽي ۾ شامل ميمبر ٻنهي پارٽين وچ ۾ حتمي تجويزون قيادت کي 10 ڏينهن ۾ پيش ڪندا. اڳوڻي وفاقي وزير اياز صادق صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته سياسي اتحاد ته ٽٽندا رهندا آهن اڄ ايم ڪيو ايم جو وفد ملڻ آيو آهي، ٻيا ماڻهو به اسان سان ملڻ چاهين ٿا، اسان سڀ ماڻهو گڏ ٿينداسين، ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿينداسين اهو وقت ٻڌائيندو. هن وڌيڪ چيو ته جي يو آ، فنڪشنل ليگ ۽ ٻيون پارٽيون به اڳتي هلي اسان سان ملي سگهن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.