اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ويچار ڪندي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته بلوچستان جون حالتون خراب آهن، جن کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتن قدمن جي ضرورت آهي. سينيٽر دلاور خان چيو ته رياست پنهنجي ذميواري سٺي نموني نڀائي رهي آهي. اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي استحڪام لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا ويا آهن، انهن جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن. سينيٽر هدايت الله چيو ته فلسطين ۽ غزا جي صورتحال تي انساني حقن جا علمبردار خاموش آهن. سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته فلسطين تي مسلمان ملڪن، او آءِ سي، عرب ليگ ۽ گڏيل قومن جي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي،هن چيو ته بلوچستان ۾ زميندار سراپا احتجاج آهن، ڪڻڪ جي پوکي لاءِ پاڻي جي سخت ضرورت آهي،جبري گمشدگيون مسئلو بڻيل آهي، سينيٽر سردار شفيق ترين چيو ته فلسطينين جي مدد لاءِ اخلاقي ۽ سفارتي ڪوششن ۾ تيزي آڻڻ گهرجي.