سوڀو ديرو (رپورٽ: اورنگزيب پيرزادو) سوڀيديري ۾ جوابدار فائرنگ ڪري دڪان تي ويٺل نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته شھر جي مين روڊ نيشنل بئنڪ ڀرسان سائيڪلن جي دڪان تي ڪم ڪندڙ 35 ورهين جي نوجوان غلام تصور ولد دائم چنو کي جوابدار سچل ولد محمد حاجي چنو گولي ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، زخمي کي وارث گمبٽ گمس اسپتال کڻائي ويا، زخمي نوجوان تصور علي چنو گمس اسپتال گمبٽ ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، مقتول جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو، سوڀوديرو پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.