فواد چوڌري هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد ( م  ڊ ) اسلام آباد جي عدالت آءِ پي پي اڳواڻ فواد چوڌري کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اسلام / آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ فواد چوڌري خلاف فراڊ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي پوليس فواد چوڌري جي مٿي تي ڪپڙو وجهي پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران فواد چوڌري پنهنجي ڀاءُ وڪيل فيصل چوڌري سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪيو، مٿي تي ڪپڙو وجهي عدالت ۾ آندو ويو آهي. وڪيل فيصل چوڌري عدالت ۾ چيو ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرڻ چاهيان ٿو ڇو ته عدالت گذريل ٻڌڻي دوران مٿي تي ڪپڙو وجهڻ کان روڪيو هو. وڪيل فيصل چوڌري موقف اختيار ڪيو ته فواد چوڌري اڳوڻو وفاقي وزير آهي، سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي. ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر عدنان علي فواد چوڌري جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪندي چيو ته فواد چوڌري کان پئسا واپس وٺڻا آهن ۽ هو کنوائي رهيو آهي، سندن وٽان پستول هٿ ڪرڻو آهي ۽ سڃاڻپ پريڊ ڪرائڻي آهي ڇاڪاڻ ته فواد چوڌري پوليس سان سهڪار نه ڪري رهيو آهي. جنهن جي وڪيل فصيل چوڌري مخالفت ڪئي، عدالت فيصلو محفوظ ڪندي سندس هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.