آگسٽ ٻھ ھزار ڏھ جي ٻوڏ ۾ افواه پکڙيو تھ مظفر ڳڙهه شهر ٻڏڻ وارو آھي. تنهن ڪري هزارين خاندان پنهنجا گهر ڇڏي نڪري پيا. مون درياهه چناب جي پل تي انساني سسين کي ائين ڏٺو، جھڙوڪ 1947ع جي لڏپلاڻ واري فلم ڏسي رھيو هجان.
ڪنھن پوڙهي جي مٿي تي ڳٺڙي،ڪنھن عورت جي ھنج ۾ ٻار ۽ ٻيو ٻار آڱر جهلي ھلندڙ ۽ سڀ کان وڏو ٻار پنهنجي وزن کان وڌيڪ وزني پيتي مٿي تي کڻي ھلندو رهيو هجي.هڪ ضعيف العمر شخص چادر ويڙھي رڳو حقو ھٿ ۾ کڻي آھستي آھستي قدم کڻدو ھلي رھيو.هڪ اڌڙوٽ مجذوب فاسٽ بالر واري ايڪشن ۾ ڊوڙي رهيو آهي ڄڻ تھ ٻوڏ جي وڪيٽ اُڏائڻ چاهيندو ھجي.
هڪ نوجوان رڳو ھڪ ڪتي کي ھنج ۾ کڻي رکيو آھي. مون کانئس پڇي ورتو ته رڳو ڪتو؟ بنا بيھڻ جي ھلندي ھلندي چوڻ لڳو ”جنھن کي ڪتي جھڙو دوست ملي وڃي،تنھن کي ٻيو ڇا کپي“ڪالھھ غزا جي ھي وائرل وڊيو ڏٺي، جنهن ۾ هڪ مقامي صحافي احمد حجازي هڪ اڃايل ڪتي کي پنھنجي پاڻي جي بوتل ۾ بچيل آخري ڍڪ بھ پياري ڇڏيو.ڌماڪن جي لڳاتار آواز سان ھيسيل گهٽي جو ھڪ عام ڪتو.مون کي خبر ناهي ته اها گهٽي يا محلو باقي آھي، جتي ھي ڪتو رهندو آهي يا وري ھي ڪو خانھ بدوش ڪتو آهي؟ڇا ھي ملبي جي ڊڳ مان حيران ۽ مجسس گھومندڙ ڦرندڙ ڪنھن آلي شيءَ ڳلي کي سائو ڪرڻ جي لاءِ سونگھي ۽ ڳولي رھيو آھي ؟
يا وري پنھنجي ٽن چئن، پنجن ڇھن سالن جي دوست جي ڳولا ۾ آهي، جيڪو هر روز اسڪول ايندي ويندي ھن کي ٻچڪاريندو ھوندو ۽ ٽپھري جو ٿوري دير ڳالھيون بھ ڪندو ھوندو.
ڇا هي ڪتو 7 آڪٽوبر کان اڳ به ايترو ڊنل ۽ ڪمزور هو؟ ھن کي ڪو نه ڪو ڪجھھ نھ ڪجھھ تھ هر روز کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ ڏيندو ھوندو. ڇا اهو ڪو دڪاندار هو جيڪو هن ڪتي کي هاڻي نظر نٿو اچي،ڇا اهو خاندان هو جنهن جي دروازي تي ھي ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا ويندو ھوندو ۽ ھلڪي ڀونڪ ڪري پنهنجي موجودگيءَ جو پتو ڏيندو ھوندو.
جيڪڏهن واقعي اهو سڀ ڪجهه هو ته پوءِ ھاڻي اهو ڪتو ڪيئن ۽ ڪنهن کان پڇي ته هاڻي ھن جو اھو ٽن چئن سالن جو ٻار دوست، اهو وچولي عمر جو دڪاندار يا اهو پورو خاندان ڪٿي آهي؟ مري ويو؟ ڀڄي ويو؟ يا ھتي ڪٿي آھي ڪنهن اسپتال جي ڇت هيٺ يا ڪنهن عمارت جي ملبي هيٺان آهي.مون کي ان سان مطلب ناهي ته ھن ڪتي کي پاڻي جي بوتل مان آخري ڍڪ پياري ڇڏيندڙ صحافي احمد حجازي جو تعلق ڪهڙي چينل يا اخبار سان آهي، اھو بھ نٿو ڄاڻڻ چاھيان تھ هن کي اهو پاڻي ڪٿان مليو يا ڪنھن ايتري مهرباني ڪئي ڇو ته جنھن آبادي جو پاڻي ٽن هفتن کان بند ھجي اتي اڃ کان وڌيڪ قيمتي شيءَ ٻي ڪھڙي ھوندي ؟
۽ اهو به انھن خبرن کان پوءِ ته غزا جا بزرگ هاڻي پنھنجي اڃايل ٻارن کي سمنڊ جو پاڻيءَ پيارڻ تي اچي ويا آهن. اھو پاڻي کڻي اچڻ لاءِ ويندڙن تي فضا ۾ لامارا ڏيندڙ ڪو به بمبار پائلٽ جائز ھدف سمجھي کين قتل ڪري سگھي ٿو.بس ائين سمجھو ته جتي 22، 23 لک ماڻهون اڃن ۾ پاھ ھجن اتي ڪتي جي ڇا حالت ھوندي !
شايد ان ڪتي جي اڃ کي محسوس ڪندي،ڪندي منهنجا بھ اليڪٽرولائٽس گڙٻڙ ٿيڻ لڳا آھن. تڏهن تھ مان ڪتي جو ذڪر ڪندي ڪندي اوچتو ان ڪتي کي پاڻي پياريندڙ احمد حجازي جو ذڪر ڪري ٿو ڇڏيان.وري ٽپو ڏئي سمنڊ جي پاڻي ۾پنهنجا خشڪ خيال ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
غزا جا رهواسي تھ هن وقت ان پنڃري مان نڪري ڪٿي بھ نٿا ڀڄي سگهن. ٽن پاسن کان ڏنل واڙ، سامھون سمنڊ ۽ آسمان مان چوويهه ڪلاڪ لامارا ڏيندڙ موت.پر ان ڪتي تي تھ بظاهر اھڙي ڪا پابندي ناهي.اهو چاهي ته ڪٿان بھ ٽٽل يا لٿل واڙ پار ڪري ڪنهن به هنڌان اسرائيلي حدن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، يا هو رفح ڪراسنگ هيٺان نڪري ڪري مصري جي سينا صحرا جي حدن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.
مون کي پڪ آهي ته اسرائيلي يا مصري سرحدي محافظ ايترا سخت دل نھ آھن جو هڪ ڪتي کي غزا ۾ واپس ڌڪي ڇڏيندا يا ان کان اجازت نامو گهرندا يا وري گولي هڻي ڇڏيندا.اهي سڀ پابنديون ۽ مسئلا تھ احمد حجازي لاءِ آهن جنهن هن ڪتي کي پاڻي جي بوتل ۾ بچيل آخري ڍڪ پڻ پياري ڇڏيو.
خبر ناهي احمد حجازي ۽ هي ڪتو هاڻي ڪٿي آهن. ڪٿي جيئرا ھوندا تھ اڃايل بھ ھوندا، پتو ناھي ھنن کي وڌيڪ پاڻي مليو بھ يا نھ مليو.گھڻا ئي ڀيرا اسان مان ڪيترن ئي پاڻ کان ۽ هڪ ٻئي کان اھو پڇيو ۽ اڃان به پڇندا رھندا آهيون ته جڏھن ڪربلا جو واقعو ٿي رھيو ھو تھ ڀرپاسي جي آبادين کي اطلاع باوجود نانگ ڇو سونگھي ويو ھو ؟ هاڻي سبب سمجهه ۾ آيو آهي يا اڃان بھ نه؟