سراج انسٽيٽيوٽ جو ادبي ميلو ۽ ”اک الٽي ڌار“ جو ڏنل پيغام

زرار پيرزادو

¨ ميڊم فهيمده حسين، انيس ميمڻ ۽ ڊاڪٽر امجد سراج جي دانشمندي مان ڦٽي نڪتل انسٽيٽيوٽ  جنهن جو نالو سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز رکيو ويو آهي تنهن جي انتظام هيٺ سال 2023ع جو چوٿون لطيف آرٽ اينڊ لٽريچر فيسٽيول جيڪو ٻن ڏينهن تي ٻڌل هو سو آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ 4 ۽ 5 نومبر تي ٿي گذريو.

¨ هن چوٿين فيسٽيول ڪرائڻ ۾ سراج انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ڪراچي، اينڊووميٽ فنڊ ٽرسٽ ۽ سنڌ ثقافت کاتو، ان سان گڏ سنڌي ميڊيا، سنڌي ادبين شاعرن، نوجوانن ۽ عورتن وڏي تعداد ۾ ٻنهي ڏينهن تي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ادبي ميلي کي واقعي به ميلي جو سمان بڻائي ڏيکاريو.

¨ سراج انسٽيٽيوٽ طرفان ٿيل هن ادبي ميلي جي خاص ڳالهه ان جو سلوگن ”اک الٽي ڌار“ هو جيڪو ڀٽائي صاحب جي عظيم شاعري مان کنيل هو ته ”اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين“

¨ هن سڄي ادبي ميلي جي روح ۾، ان جي هر سيشنز جي موضوعن ۽ انهن سيشنز جا ماڊريٽر توڙي مهمان به اهي ئي شخصيتون هيون جن وٽ شعور جي الٽي ۽ ڌار اک رهي آهي.

¨ زيد پيرزادي هڪ تعليمي سيشن جي ميزبان طور اها بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي ته اک الٽي ڌار جي جيڏي اڄ تعليمي کاتي کي گهرج آهي شايد ايڏي ڪڏهن به نه هئي. مطلب ته ڪجهه عام رواجي سوچ ۽ نظرين کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

¨ سراج انسٽيٽوٽ بلڪل ان سوچ مطابق هي ادبي ميلو ڪرايو ۽ ڪجهه نئون سوچڻ ۽ ڪرڻ جو اتساهه ڏنو. ڀٽائي، سنڌ جي تعليم، عورت ۽ نوجوان ان ميلي جا خاص موضوع هيا ۽ انهن موضوعن جي حوالي سان اهو ويچاريو ويو ته انهن لاءِ ڇا ڪجهه نئون ڪرڻ جي ضرورت آهي.

¨ ايئن امر پيرزادي، لطيف جو وطن بابت تصور واري سيشن ۾ ميزبان طور ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، جامي چانڊيو ۽ نور الهديٰ شاهه کان اهو سمجهڻ ۽ ٻڌرائڻ  پئي چاهيو ته وطن جو تصور ڏيڻ ۽ سنڌين ۾ قومي ٻڌي پيدا ڪرڻ ۾ ڀٽائي صاحب جو ڪهڙو ۽ ڪيترو ڪردار هو  جنهن کي نئين سر متعارف ڪرائڻ ۽ نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جي گهرج آهي.

¨ سراج انسٽيٽيوٽ جي ادبي ميلي جو تحقيقي ۽ اڪيڊمڪ پاسو انتهائي طاقتور هوندو آهي. خاص ڪري پراجيڪٽر ذريعي پيش ڪيل مقالا منفرد نوعيت جا هوندا آهن. انهن ۾ زبيده برواڻي، احسان دانش، رفيق وساڻ جا مقالا انتهائي اهميت وارا هيا.

¨ ”اک الٽي ڌار“ جي نقطه نظر سان ”ڀٽائي اينڊ پرفارمنگ آرٽ“ وارو سيشن جنهن جي ماڊريٽر بختاور مظهر هئي سو سيشن به نئون ۽ تازو لڳو جنهن ۾ ڀٽائي صاحب جي فڪرکي پرفارمنگ آرٽ ڪيئن ڦهلايو ويو آهي تنهن جو جائزو ورتو ويو.

¨ ڀٽائي صاحب کي ڪنهن هڪ رخ تائين محدود ڪرڻ واري موضوع تي ٿيل هڪ سيشن ۾ پڻ نوان نقطه اٿاريا ويا .

¨ سو ”اک الٽي ڌار“ جي سوچ ۽ پيغام جنهن کي اياز لطيف پليجي صاحب هڪ ليڪچر ۾ بهترين نموني بيان ڪيو، ان  تحت ٿيل هن ادبي ميلي جو هر سيشن نئون ڪجهه ڏيڻ ۾ ڪامياب  ٿيو آهي

¨ هن ادبي ميلي کي عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين جو ميلو چئجي ته غلط نه ٿيندو ۽ اهو لقاءُ به ”اک الٽي ڌار“ واري سوچ جو ئي مظهر آهي. هن ميلي ۾ اڄ جي رول ماڊل ۽ بااختيار عورتن کي به زبردست خراج پيش ڪيو ويو.

¨ مون لاءِ خاص ڪري هن ڪالم ۾ اهو ممڪن ناهي ته مان هڪ هڪ سيشن کي رپورٽ ڪري سگهان، اهي تفصيل اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي اچي چڪا آهن مان رڳو  ” ان عشق کي شاباس ڏيڻ چاهيندس جنهن ان موقعي تي محبتي ميڙيا .“

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو عشق آهي سراج الحق ميمڻ جنهن جي تعليم، شعور ۽ اتساهه مان ميڊم فهميده حسين، انيس ميمڻ، ڊاڪٽر امجد سراج ۽ سنڌ جي هڪ وڏي باشعور ادبي، سياسي، سماجي، لطيفي ۽ صحافتي حلقي اتساهه ورتو ۽ هي ادبي ميلا ڪرايا جيڪي سنڌين لاءِ” اک الٽي ڌار“ واري شعور جي علامت بڻيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.