ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ زيادتيون 

عامر خان مهيسر

گذريل ڪيترن ئي ورھين کان سنڌي شاگردن سان ٻي اکيائي وارو رويو رکي گاديءَ واري شهر ڪراچي مان تعليم جي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو، ڪراچي ۾ موجود سرڪاري يونيورسٽيون خاص طور تي ڪراچي يونيورسٽي، دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي، اين اِي ڊي يونيورسٽي، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي، ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليجز سميت ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ سنڌ جي شاگردن لاءِ تعليم جا دروازا بند ڪرڻ جا مختلف حُربا استعمال ڪيا وڃن ٿا، جنهن ۾ ثقافتي ڏھاڙي ملهائڻ جي حوالي سان اشو ھجي يا وري داخلا پاليسي ۾ تعصب پرستيءَ تحت سنڌي شاگردن کي ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان ھجي يا وري مذھب جي نالي تي ڪو اشو کڙو ڪري افراتفري ڪئي پئي وڃي ته ڪڏھن وري لساني فساد ڪرائي ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ ھڪ پري پلان تحت سنڌين جي تعليم تي بندش وڌي پئي وڃي.

20 فيبروري کان دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين عاصم مقرر ڪئي وئي آھي سندس ڪُرسيءَ تي ويهڻ شرط ھن جو پهريون ڪم سنڌين خلاف آپريشن ھو جنهن ۾ ھن ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل سنڌي مُلازم ھئا انهن جو ڪانٽريڪٽ اڃان پورو ئي ڪونه ٿيو ھو ته انهن 88 مُلازمن جي گهرن ۾ ٻرندڙ چُلهن کي اُجهائي ڇڏيو ۽ سندن کي فارغ ڪيو ويو جنهن بعد ٻهراڙي جي ڪوٽا ختم ڪئي وئي ان بندش مان اِھو صاف پيغام ملي رھيو ھو ته اُتر سنڌ جي ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ ٻار تعليم جهڙي زيور سان نه سينگارجن پر وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ جاگيردارن جي اڳيان ڳيجهو رھن اھڙي سوچ ۽ عمل خلاف سنڌي شاگردن ڀرپور مذمت سان گڏ مزاحمت پڻ ڪئي ۽ جنهن بعد سنڌ رورل ڪوٽا برقرار رکي وئي. اھڙي عمل خلاف شاگرد سراپا احتجاج بڻيل رھيا جنهن بعد 12 شاگردن جي داخلا رد ڪئي وئي ۽ يونيورسٽي انتظاميه جي اھڙي رويي خلاف يونيورسٽي جي مُک گيٽ کان احتجاجي پيادل مارچ ڪري ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو.

پرامن احتجاج ھر شاگرد جو بنيادي حق آھي پر ھتي اُبتڙ ٿيندو آھي ۽ ھميشه ڏاڍو ھيڻي کي هيسائي ان جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي دائود يونيورسٽي جي انتظاميه پاران به اُھا روايت برقرار رکندي شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران پيادل مارچ ڪندڙ شاگرد کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن جيڪا شاگردن سان وڏي زيادتي ۽ انصافي آھي.

ھن ملڪ اندر تعليمي ادارا شروع کان وٺي ھڪ مقتل گاھ ۽ اناالحق جي سدا بڻيل آھن شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ شروع کان وٺي رھيو آھي. علم انسان جي ٽئين اک آھي ٻن اکين جي ھوندي ٽي اک کان سواءِ انسان لاچار، بي وس آھي. سنڌ جي تعليمي ادارن سان ھٿ وٺي ڏاڍ، جبر ۽ ظلم ڪيو پيو وڃي جتي گذريل 16 ورھين کان شاگرد دشمن پاليسون تيار ڪري ميرٽ جو قتلِ عام ڪري سنڌي شاگردن جي ڪوٽا تي ڌاڙو لڳايو پيو وڃي ۽ سنڌي شاگردن کي ھٿرادو ٽيسٽن ۾ فيل ڪرائي من پسند ماڻهن جي اولاد کي داخلائن سميت نوڪريون ڏنيون پيون وڃن.

ھڪ سازش تحت سنڌ جي تعليم ڏينهون ڏينهن تباھ ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌي نوجوانن سان هر ھڪ تعليمي اداري ۾ تذليل ٿيندي رهي ٿي جيڪو عمل رُڪجڻ بدران ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌي رھيو آهي، قوم جي فڪري واڌ ويجھ ۽ پختگي لاءِ ادارا قائم ڪري قوم اندر روح ڦوڪڻ جي برابر ھوندو آھي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جتي تعليم تباھ ھوندي آھي اُھا قوم زوالپڻي ۽ غلام ذھنيت جي عڪاسي ڪندي آھي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ انتظاميه پاران ھن سال کان ڪي ايس پي پاليسي لاڳو ڪئي وئي آھي جيڪا مڪمل طور تي خاص ڪري سنڌي شاگردن لاءِ موت ثابت ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته ڪراچي اندر سنڌي شاگردن جو ايترو انگ اکر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ناھي جيترو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ موجود آھي مطلب ته ھاڻي سنڌي شاگرد ڪراچي جهڙي يونيورسٽي ۾ داخلا کان مڪمل طور تي محروم رھندا

ڪراچي يونيورسٽي جي قانون جي شعبي طرفان ڊپارمينٽ جي بورڊ جي گڏجاڻي گهرائي وئي ھئي جنهن جو خاص ۽ اھم مقصد اھو ھو ته قانون شعبي جي موجوده داخلا پاليسي کي تبديل ڪري ڪي ايس پي پاليسي لاڳو ڪرڻ آهي ڪي ايس پي  پاليسي موجب داخلا جا اول حقدار ڪراچي جي بورڊ جا شاگرد هوندا باقي سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻار ڪنهن به تعليمي بورڊ مان ڇو پوزيشن کڻي اچي اھو ڪراچي يونيورسٽي ۾ داخلا جو حقدار نه ھوندو ان جو صاف ۽ شفاف مطلب ميرٽ جي لتاڙ آهي جيڪا سڌي ريت ايڇ اي سي جي پاليسي جي پڻ ڀڃڪڙي آهي اِن سان سنڌ جي ٻين شهرن جي شاگردن کي قانون شعبي جي داخلا کان مڪمل طور تي محروم رکيو ويندو ۽ اھڙي قسم جي پاليسي کي لاڳو ڪرڻ جو اصل مقصد موجوده قانون واري شعبي ۾ سنڌين جي اڪثريت کي ڀت سان لڳائڻ آھي قانون واري شعبي ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا جا درواز بند ڪرڻ آهي،

اها پاليسي لاڳو ڪئي وئي آهي ان پاليسي کان پهريان قانون جو شعبو ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ ٽيسٽ بيس ڊپارٽمينٽ ڪيٽيگري تحت ھئا جنهن جي ڪري سنڌي شاگردن جي وڏي انگ ۾ داخلا ٿي رھي ھئي جيڪا ڳالهھ ڪراچي يونيورسٽي انتظاميه کي بنھه پسند ڪونه آئي ۽ ڪي ايس پي پاليسي جو رستو اختيار ڪري سنڌي شاگردن کان تعليم جو حق کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ڪي ايس پي پاليسي واري عمل خلاف يونيورسٽي اندر سنڌي شاگرد سٿ سراپا احتجاج بڻيل آھي ۽ وائيس چانسلر جي آفيس اڳيان 36 ڪلاڪن کان وڌيڪ شاگردن جي مسلسل احتجاج کانپوءِ يونيورسٽي انتظاميه طرفان احتجاج ختم ڪرائي چيو ته ڪي ايس پي پاليسي ختم ڪئي ويندي پر اھا پاليسي ختم نه ڪئي وئي شاگردن جي جائز حقن جو آواز نه ھتان جا حڪمران ٻڌي رھيا آھن ۽ نه يونيورسٽي انتظاميه، پرامن احتجاج ھر ھڪ جو حق آھي ۽ سنڌي شاگرد به پنهنجي حق جي واپسيءَ تائين انهيءَ آواز کي بلند ڪندا رھندا سنڌي شاگردن سان ويساھ گهاتيون ختم ڪري شاگردن جا جائز مطالبا منظور ڪري شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل رھندي ۽ اھو احتجاج ايستائين جاري رھندو جيسيتائين اھا سنڌ دشمن ۽ شاگرد دشمن ڪي ايس پي پاليسي ختم نه ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.