ڪراچي/لاڙڪاڻو (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي بعد پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي دل ڪراچي به جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي ڇڏيو. آصف علي زرداري چيو ته مرتضيٰ وهاب ۽ سلمان عبدالله مراد جي ڪاميابي ڪراچي واسين جو مخالفن لاءِ خاص پيغام آهي، 8 فيبروري جو سج بلاول ڀٽو زرداري جي فتح جو پيغام کڻي اڀرندو. آصف زرداري ننڍي مڪاني چونڊ ۾ پيپلزپارٽي کي کٽرائڻ تي سنڌ جي عوام جا ٿورا مڃيا. پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي جو هر ڪارڪن شهيد بينظير ڀٽو جو سفير بڻجي چونڊ مهم شروع ڪري، عام چونڊن ۾ به پيپلزپارٽي ڳري اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي. هوڏانهن آصف علي زرداري ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزارن تي پهچي شهيد محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد مير شاهنواز ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪندي مزار کي عام ماڻهن جي لاءِ مڪمل طور بند ڪيو ويو هو.